SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مرد- واد


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مرد- واد

Masculism

مئسڪيولزم

عورت - واد جي مُخالفت تي ٻڌل هڪ نظريو، جيڪو جديد دور ۾ ٿيندڙ قانون سازيءَ ۾ عورتن کي ملندڙ مراعتن جي سراسر خلاف آهي. هن نظريي جي وڪيلن جو چوڻ آهي، ته جنسي برابريءَ لاءِ ٿيندڙ قانون سازي اصل ۾ عورتن جي حقن لاءِ ٿيندڙ قانون سازي آهي، جنهن کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي، ان سان مردن خلاف متڀيد جو ماحول جُڙي ويو آهي. ”مرد-واد“ جا حمايتي چون ٿا ته ”مرد مُخالف“ قانون ٺهڻ جي ڪري، مردن جي حق تلفي ٿي رهي آهي، جنهن سان عورتن کي سندن استحصال جو موقعو ملي ٿو. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ زور وٺندڙ هن تحريڪ جو مطالبو هو، ته کين آمريڪي معاشري جي اُنهن شعبن ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جتي عورتن جي مداخلت وڌيل آهي. ان تحريڪ مُطابق ميڊيا منفي نقش چٽيندي مردن بابت تمام خراب تاثر جوڙي ڇڏيو آهي ۽ اُنهن بابت زاني، انتهاپسند ۽ تشدد پسند تاثر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جو ازالو ضروري آهي


Remember Me Also:

واڪ ڏيڻ

واڪُ ڏِيڻُ

آواز ڪرڻ، ٻول ڏيڻ، (نيلام وقت) ڇوٽ ڏيڻ يا وڌيڪ پئسن جو آواز ڏيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal